ڊومنڪ اسٽيفن

ڊومنڪ اسٽيفن

ڊومنڪ اسٽيفن

ڊومنڪ اسٽيفن: سنڌ ۾ فلاحي ڪمن ۾ پاڻ پتوڙيندڙ سماجي اڳواڻ ڊومنڪ اسٽيفن جو تعلق پارڪري عيسائي ڪميونٽيءَ سان آهي. سندس والدين، ننگرپارڪر جي ڳوٺ ’چڻيندا‘ جا رهاڪو هئا، جيڪي 1943ع ۾ عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ ’گورسر‘ ۾ اچي رهيا، جتي هن 20 ڊسمبر 1945ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ هاري هو، جنهن بعد ۾ ڪنريءَ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. سندس والدين جي عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کانپوءِ چرچ مشنريءَ جي ادارن کيس اڳتي پڙهڻ جو موقعو ڏنو. هن 1975ع ۾ فلپائين مان ايم. بي. اي ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ ايم. اي (اڪنامڪس) ۽ 1995ع ۾ ايم. ايس. سي (رورل ڊيولپمينٽ) جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پرڏيهه مان ماسٽرس ڪرڻ بعد مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڪيائين. 1966ع کان 1980ع تائين سينٽ ٽريضا اسپتال ميرپورخاص ۾ ڪلرڪ؛ 1980ع کان 1981ع تائين آغا خان سينٽرل هيلٿ بورڊ جو ائڊمنسٽريٽر؛ 1982ع کان 1989ع تائين ڊايوسيس آف حيدرآباد جو ائڊمنسٽريٽر رهيو.
ڊومنڪ اسٽيفن، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بي زمين هارين جي ٻارن ۾ تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ 1985ع ۾ ’پارڪري ڪرسچن رورل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن‘ (PCRDA) قائم ڪئي، جيڪا 1989ع تائين فعال رهي. ان کان پوءِ 1989ع کان 1997ع تائين ٿر جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ڏڪار سٽيلن کي پـرڏيهـي ادارن جـي مـدد سان امـدادي سهولتون ڏيڻ لاءِ ’سيو دي چلڊرين‘
(يو. ڪي) جي هڪ پراجيڪٽ ’ٿرپارڪر رورل ڊيولپمينٽ پروگرام‘ (TRDP) جو مئنيجر رهيو، جيڪو بعد ۾ ’ٿرديپ‘ اداري ۾ تبديل ٿيو.
ڊومنڪ اسٽيفن، سنڌ جي ٻهراڙين جي غريب هارين جي زندگين کي بهتر بنائڻ لاءِ ’ٿرديپ‘ مان 1997ع ۾ استيعفا ڏئي، پنهنجو نئون سماجي ادارو (Participatory Village Development Programme- PVDP) قائم ڪيائين، جيڪو هن وقت سنڌ جي ستن ضلعن: ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، خيرپور ميرس ۽ ٺٽي ۾ سماجي خدمتن ۾ مصروف آهي. 2004ع ۾ هن اداري ۾، ٻاهرين ڊونرن جي مدد سان ’ٿر ۾ غربت کي گهٽائڻ جو ماڊل‘ (Poverty Reduction Model) متعارف ڪرايو، جنهن ٿرپارڪر جي ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ ڏُڪار سٽيل خاندانن کي فائدو پهچايو. اُن ماڊل ۾ 4 ٻڪريون، هڪ زير زمين پاڻيءَ جو ٽانڪو، هڪ ڀاڄيءَ جي واڙي، هڪ نادي فلٽر ۽ گهر جي عورتن لاءِ ڀرت جي ڪم جي سکيا وغيره شامل آهي.
ڊومنڪ اسٽيفن، پارڪر ۾ تعليم جي کوٽ محسوس ڪندي، پنهنجي اداري ’پي. وي. ڊي. پي‘ ۾ پارڪر جي ڏورانهن علائقن جي بي پهچ ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ 10 اسڪول کوليا، جيڪي اڄ به هلي رهيا آهن. انهن اسڪولن مان هر سال پڙهي نڪتل سوين ٻارَ هاءِ اسڪولن ۾ پڙهڻ ويندا آهن.
ڊومنڪ، سنڌ جي مختلف سماجي ادارن جي جوڙيل’ماروئڙا ڪائونسل‘ جو سيڪريٽري، ڪيترين اين. جي. اوز جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هئڻ سان گڏ پنهنجي اداري پي. وي. ڊي. پي جو ايگزيڪيوٽوِ ڊائريڪٽر آهي. حيدرآباد ۾ موجود سماجي ادارن جي جوڙيل نيٽ ورڪ ’انڊس انسٽيٽيوٽ فار ريسرچ اينڊ ايجيوڪيشن‘ (IIRE) جو چيف ايگزيڪيوٽوِ آفيسر ۽ هڪ پرڏيهي نيٽ ورڪ ’فيوچر اِن اوَر هئنڊس‘ جي پاڪستان آفيس جو چيئرمئن پڻ آهي.
اين. جي. اوز جي دنيا ۾ هن ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ۽ همت افزائي ڪئي آهي، جيڪي اڄڪلهه مختلف سماجي تنظيمن ۾ سرگرم عمل آهن. هن ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ غريب هارين جي زندگي سُڌارڻ لاءِ مثالي ڪهاڻين (Case Studies) ۽ پنهنجن تجربن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي. ان کان سواءِ پي. وي. ڊي. پي جي رسالن: ’ٿر دوست نيوزليٽر‘ ۽ ’ٿر ڪول الرٽ‘ ۽ IIRE جي مئگزن ’هم آواز‘جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي.
ڊومنڪ اسٽيفن هن وقت ميرپورخاص ۾ رهي ٿو. کيس ٽن پُٽن ۽ چئن ڌيئن جو اولاد آهي. سندس اولاد به سماجي ڪمن ۾ مصروف آهي.


لفظ ڊومنڪ اسٽيفنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو